اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي وسيع تر مفاد، جمهوريت جي تسلسل، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ اتحادي پارٽين جي تعاون تي ٿورو ادا ڪندي اتحادين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم عوامي مفاد ۾ قانونسازي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ قانونسازي لاءِ قائم ڪميٽي کي هدايت ڏني ته عوامي رليف ۽ مشڪلاتن جي ازالي لاءِ قانونسازي سميت احتساب آرڊيننس ۽ مخ??لف ڌر جي ترميمن کي باريڪ بيني سان ڏسي، ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس جي حڪومتي عزم کي سامهون رکندي قانونساز?? جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ مشاورت جي ذريعي قانونساز?? جي عمل کي اڳتي وڌايو وڃي، وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته ڪنهن به طرح اسان پنهنجي ادارن جي ساک کي مجروح ڪرڻ نه ڏينداسين، پاڪستاني فوج ۽ قومي سلامتي جا ا??ارا ا??ان جو فخر ۽ وقار آهن، ڪور ڪميٽي ڀارتي فضا ۾ مسلمانن جي سان جڙيل نفرت تي خدشن جو اظهار ڪيو . هو پ??ڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪور ڪميٽ?? جي اجلاس کي خطاب ڪري رهو هو.