اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ و??ري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر نيشن?? ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، اين ٽي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر برگيڊيئر (ر) وقار راشد خان اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي ب??ري ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو. هتي ج??ري ڪيل هڪ پريس رليز موجب وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر اين ٽي سي هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ڊيٽاسينٽر جو دورو ڪيو ۽ اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪلاوڊ بيسڊ III، آءِ ايس او 27001 سرٽيفائيڊ نيشنل ڊيٽا سينٽر(اين ڊي سي) جي قيام کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته حڪومت طرفان شروع ڪيل احساس پروگرام پوئتي پيل عوام جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ هيستائين شروع ڪيل سڀ کان وڌو پروگرام آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جي مستحق شهرين جي سهولت جي لاءِ متحرڪ ڊجيٽل ??وش?? ايڪو سسٽم تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال شفافيت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان شروع ڪيل پروگرام کي موثر بڻايو آهي.