اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته سياحت جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي تفريح جي معياري سهولت ميسر ايندي پر سڄي دنيا مان ماڻهو پاڪستان جو رخ ڪندا جنهن سان سياحت سان جڙيل سيڪٽرز کي فروغ ملندو ۽ نوجوانن لاءِ نوڪرين جا بي شمار موقعا پيدا ٿيندا، ا??ڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جي حوالي سان منعقد هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون سيد ذوالفق??ر عباس بخاري، خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاش اعواڻ ۽ ٻين سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي.