گلگت – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي عوام کي يوم آزادي تي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته گلگت بلتستان جي ماڻهن قربانيون ڏئي پنهنجو علائقو ڊوگره را?? کان آ??اد ڪرايو، اهو علائقو چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو گيٽ وي آهي، دنيا ۾ گگلت بلتستان کان وڌيڪ خوبصورت ڪو به علائقو نه آهي، اهڙ?? خيالن جو اظهار وزيراعظم گلگت ۾ يوم آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي ڪيو.