راولپنڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي فيلڊ جنرل ??ور?? مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون خلاف ورزيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي ??رحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي ??اقعن ۾ 9 مئي سان ڳنڍيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن تحت ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ??ور?? مارشل جي ڪارراوئي شروع ڪئي ??ئي. فيلڊ جنرل ??ور?? مارشل جي ٻئي ??رحلي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن. فيلڊ جنرل ??ور?? مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ملوث هجڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي ??ئي ??ڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. انهن ڪيترن ئي ??رتشدد واقعن ۾ ناپ??ڪ سياسي عنصرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ شامل آهن. فيلڊ جنرل ??ور?? مارشل جي عمل دوران ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.