آ??تا??ه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار ڪيو آهي ۽ ع??لم?? برادري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ۾ غزه جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو ۽ هن عالم?? برادري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، انصاف جي عالمي عدالت پڻ اسرائيل جي بي رحماڻي ڪاررواين کي فلسطينين جي نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل غزه ۾ ظلم ڪري رهيو آهي ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، عالم?? برادري غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي پهچ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن چيو ته پاڪ??تا?? جو موقف آهي ته سمورن پراڻي تڪرارن جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ وڌيڪ ??نگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي، اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو، پاڪ??تا?? فلسطين جي مسئلي جو 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي طرز تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي.