اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ??ابينا قومي احتساب بيورو ۽ آمريڪا جي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (FBI) جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ، سي ڊي اي کي اسلام آباد ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ جي لاءِ 120 ايڪڙ زمين مخصوص ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، گلگت بلتستان ۾ ٽن سالن جي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري مقرر ڪرڻ، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ 16 وفاقي ??رگ انسپيڪٽرز جي مقرري ۽ انهن جو دائرو مخصوص ڪرڻ ۽ جاويد غني کي فيڊرل بو??ڊ آف روينيو جو چي??رم??ن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پيٽروليم ڊويزن ڪابي??ا کي ملڪ ۾ گئس جي دستيابي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ڪابي??ا کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ??ابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابي??ا کي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا وبا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. ڪابي??ا کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو.