اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي سامهون ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪر?? رهيا آهيون جيڪو جمهوري حڪومت جو طرز عمل هوندو آهي، وزيراعظم عمران خان 1996ع ۾ پاڪستان تح??يڪ انصاف جو بنياد رکيو، ان جو محور ساڄي ۽ کاٻي بدران درست ۽ غلط بڻايو، هڪ طرف ذاتي مفاد ۽ ٻي طرف ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي جي بينادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ آهي جنهن کي اسان پنهنجي ترجيحي بڻايو آهي ۽ انهي بياني کي اڳتي و??ي وڌ?? رهيا آهيون، مديني جي رياست جا ٽي بنيادي ٿنڀ رحم، انصاف ۽ احساس اسان جي دفاعي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين جو احاطو ڪن ٿا. پاڪستان جي عوام ذاتي مفاد جي بياني کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو مقصد ذاتي ڪاميابين جي تشهير نه پر اندروني ۽ ٻاهرين محاذن تي دشمن جي ارادن جي خلاف وڙهڻ آهي، دشمن سدائين اسان جي معيشت کي نقصان پهچائي نااميدي ۽ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿو ۽ اطلاعات واري وزارت ان جنگ جو ڀرپور مقابلو ڪندي، حڪومت جي ڀرپور جدوجهد جي نتيجي ۾ ڏکيو وقت گذري چڪو، سٺو وقت شروع ٿي و??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تح??يڪ انصاف جي موجوده حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي ۽ ترقي واري و??اقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري و??اقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پ?? آءِ ڊي ۾ پريس ڪا??فر??س کي خطاب ڪندي ڪيو.