اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن سال عيدالفطر جي موقعي تي عالمي دنيا مشڪل آزمائش مان گذري رهي آهي، ڪ??رونا وائرس سبب سڄي دنيا پريشان آهي، احتياطي تدبيرون ئي ان جي روڪٿام جو واحد طريقو آهي، عيد جي خوشين ۾ ضرورتمند ۽ پيڙهيل طب??ي کي هرگز نظرانداز نه ڪريو. هن اهڙن خيالن جو اظهار عيدالفطر 1441هه جي موقعي تي قوم جي نال?? پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.