اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته نصاب جي ڪتابن جي ڇپائي جي ح??الي سان مافيا جي عمل دخل کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي، هڪجهڙي قومي نصاب کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته پهرين کان پ??جي?? ڪلاس تائين متفقه نصاب تيار ڪيو ويو آهي، ٻارهين ڪلاس تائين جو هڪجهڙو نصاب تيار ڪرڻ جو ڪم مارچ 2022ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، تعليم واري وزارت پي ٽي وي جي ذريعي ستن ڪلاڪن جي تعليمي نشريات جو اهتمام ڪيو آهي ته ج??ين شآگردن جي تعليم متاثر نه ٿئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرف??ن جاري بيان موجب تعليم جي شعبي ۾ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ جي ح??الي سان موجوده حڪومت پنهنجي واعدي جي پڄا??ي ڪندي.