راولپنڊي – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام وسيلي هيستائين 38 هزار نوجوانن کي اسڪلز اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ 10 هزار عورتون شامل آهن، وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڌيئرن جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن کي شامل ڪيو آهي، ان کان اڳ عورتن کي بهترين موقعا نه ڏنا ويا هئا، گذريل حڪومتن رستن، نالن ۽ پلين تي ??يڙ??ڪاري ڪئي پر وزيارعظم عمران خان جي حڪومت نوجوانن تي ??يڙ??ڪاري ڪري رهي آهي جيڪا ملڪي ترقي جو سبب بڻجندي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي راولپنڊي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.