اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ??و ماسٽر پلان جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي تعميرات جي شعبي ??ان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ نظام کي آ??ان بڻائڻ جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته سڀني صوبن ۾ اهڙا آن لائين نظام متعارف ڪرايا وڃن جيڪي استعمال ۾ سولا ۽ صارفين کي هر ممڪن سهولت ??را??م ڪن. ڪرپشن ڪلچر جي خاتمي ۽ زمين جي منتقلي جي معاملن ۾ ڊجيٽلا??يز??شن نظام متعارف ڪرايو وڃي، ڪرپٽ ۽ عوام جي لاءِ مسئلا پيد اڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، هو ڪالهه هتي هائوسنگ ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، سيڪريٽري ۽ اڏاوتن جي شعبي ??ان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون موجود هيون.