اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت گذريل ٻن سالن دوران پاڪ چ??ن اقتصادي لنگهه منصوبي کي اولين ترجيحن ۾ رکيو، پاڪ چ??ن اقتصادي لنگهه اربين ڊالر جو هڪ ميگا منصوبو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچي ويندا. پاڪ چ??ن اقتصادي لنگهه مان ملڪ جا سمورا صوبا برابر فائدو کڻندا جڏهن ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اڳوڻي فاٽا کي خاص طور فائدو ٿيندو. ان اهم منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستاني معيشت جي تقدير بدلجي ويندي. پاڪ چ??ن اقتصادي لنگهه تحت اهم منصوبن ۾ گوادر پورٽ جي اپ گري??يش??، گوادر پورٽ ايڪسپريس وي جي تعمير، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ڪراچي سکر موٽروي جي تعمير شامل آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ پاڪستان عالمي واپاري سرگرمين جو مرڪز بڻجي اڀرندو. پاڪ چ??ن اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فيز ٽو ۾ سياحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حڪومت سستي بجلي ٺاهڻ طرف وڃي رهي آهي، وڏا ڊيمز نه رڳو زراعت ج?? لاءِ فائديمند ٿيندا پر هائيڊل پاور جنريشن جي فروغ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندا. ٻئي طرف چين جون وڏيون ڪمپنيون ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن.