اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زنا جي روڪٿام جو آرڊيننس 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اڱاري ڏينه?? ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب آرڊيننس سان عورتن ۽ ٻارن جي خلا?? جنسي زيادتي جا معاملا جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي، جنسي زيادتي جي جوابدارن جي تيز ٽرائيل ۽ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ لاءِ سڄي ملڪ ?? خصوصي عدالتُون قائم ڪيُون وينديُون.