اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۾ بيههِ جهڙي طرح پاڪستان جي واکاڻ ڪئي آهي ان سان ڀارت جو پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوششن کي بري طرح شڪست ۽ ??زي??اعظم عمران خان جي بيانيي کي ڪاميابي ملي آهي، ڀارت پنهنجي ئي لڳايل نفرت جي باهه ۾ بري طرح سڙي رهيو آهي. نجي ٽيلي ويزن چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته ڀارتي ??زي??اعظم نريندر مودي انتهاپسندي ۽ تعصباڻي نسل پرستي تي ٻڌل سوچ کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم دنيا جي سامهون ان جي نام نهاد جمهوريت پسنداڻي چهري کي داغدا?? ڪري ڇڏيو آهي.