حيد??آب??د – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آزادي ڏهاڙو اڄ 14 آگسٽ تي ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويندو، ملڪ جي ٻين شهرن و??نگر حيد??آب??د ۾ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهر ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جهنڊن جي بهار آهي جڏهن ته نوجوان ۽ ٻارن جو جوش ڏسڻ جهڙو آهي، ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي حيد??آب??د ۾ پرچم ڪشائي جي مرڪزي تقريب صب?? 7 لڳي 45 منٽن تي ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيد??آب??د نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آءِ جي پوليس حيد??آب??د سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر حيد??آب??د فواد غفار سومرو سميت صوبائي ۽ وفاقي ادارن جا اعليٰ آفيسر، ملازم ۽ شهري به شرڪت ڪندا، جشن آزادي جي سلسلي ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ اڳ کان ئي تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.