سيال??وٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي ??حمد عارف چيو آهي ته سيد علي گيلاني، ياسين مل?? ۽ عبدالغني بٽ سميت سمورن حريت اڳواڻن جي ڪوششن کي سلام پيش ڪر??ون ٿا، جن ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جي باوجود ڪشمير جي ??سئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي ??دم جي ڀرپور مذمت ڪر??ون ٿا، جنهن تحت ڀارت ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ??اڪام ڪوشش ڪئي آهي. حاجي ??حمد عارف جو چوڻ هو ته ڀارت گذريل 74 سالن کان مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪر?? رهيو آهي، جنهن تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان مٿي آهي. هن چيو ته انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي گهرجي ته اهي ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ زيادتين جو نوٽيس وٺي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪر?? قبضي جي ڪوشش ۾ نه اڳ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه مستقبل ۾ ڪامياب ٿيندو ڇو ته ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جنگ کٽي رهيا آهن. برهان واني ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ هڪ نئين روح ڦوڪي ڇڏي آهي جنهن سان ڪشميري جلد آزادي جي ??عمت سان همڪنار ٿيندا.