ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) روينيو واري صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ??لم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن، اسان ڪشميري عوام تي ??لم ۽ تشدد جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي اخ??اقي، سياسي ۽ سفارتي ??طح تي ??مايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلوچستان جي روينيو واري وزير چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪشمير جي علائقي ۾ زبردستي پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذرڻ جي باوجود ڪشميري عوام جهڙي طرح ڀارتي ??رڪار جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، بزرگ??، جوانن، عورتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي ??يدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان لاءِ ته اهي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مير سڪندر خان عمراڻي چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي ??ٻائڻ جي لاءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح والاريل ڪشمير جي معصوم عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري رهي آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئين ۽ آزاد زندگي جو سفر شروع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آهي ته اها به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي ??ها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ڏاڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي ۽ انهن جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جي عوام هاڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري م??ن اميد لڳائي ويٺي آهي ته اهي انهن جي قسمت جو فيصلو حق ۽ اصولن جي بنياد تي ڪن ۽ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ ک??ن انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.