لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آه?? ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اسان جي بقا آه??، جيڪو به استعيفا ڏي??دو سامهون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويندي ۽ اهو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آه??، پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي ڏسڻا آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پيپلزپارٽي جي وفد سان داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي دعا ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته هڪ آئيني ذميداري پوري ڪرڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي سان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مون کي يقين آه?? ته قوم آئين پاڪستان جي حفاظت ڪندي، اسان کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آه??، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئين جي تقدس کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آه?? جيڪو آئين سان گڏ نٿو هلي ان سان مُشڪلاتُون پيدا ٿينديون آه??، هر هڪ کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، آئون هن وقت اسپيڪر آه??ان ۽ اسپيڪر سموري هائوس جو اسپيڪر هوندو آه??، هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آه?? ۽ جن استعيفائن تي شڪ آه?? انهن کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ چاهيان ٿو، آئين پاڪستان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آه??، آئين سان گڏ بيهڻو پوندو، يقين آه?? ته پاڪستاني قوم آئين پاڪستان ۽ سمورن ادارن سان گڏ بيهندي، هن چيو ته آئين پاڪستان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جو فرض آه??، 73ع جي آئين تي عمل وقت جي ضرورت آه??، اسپيڪر جي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت سڀ??ي ماڻهن کي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.