اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر را??ا پرويز اشرف سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ايران هڪ ٻئي سان گڏيل مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ ڀائيچاري جي لازوال رشتن ۾ جڙيل آهن. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف خوش آئنده آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ تڪرارن جو مستقبل حل انٽر آهي، القدس شريف تي اسرائيلي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ مسلمان امت کي گڏيل ڪوشش??ن ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ انساني حقن جون پائماليون انتهائي قابل مذمت آهن، پاڪستان ايران سان توانائي، واپار ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش رکي ٿو. پارلياماني سطح تي را??طن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي پائمالين ۽ القدس شريف تي غيرقانوني قبضي جي خاتمي لاءِ امت کي گڏجي ڪوشش??ن ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايراني سفير چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجي پراڻي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، القدس شريف ۾ جاري غير قانوني قبضي جي خلاف اڄ سڄي دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ القدس جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور خصوصي ڏينهن ملهايو ??يو ??ڃي، القدس شريف جي حرمت، تقدس ۽ ان تي اسرائيلي غير قانوني قبضو ڇڏرائڻ لاءِ امت کي گڏيل ڪوشش??ن ڪرڻيون پونديون. ايران پاڪستان سان توانائي ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو.