اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي ۽ ان جا مسئلا حل ڪندي، اڳوڻي حڪومت اوچتو پيٽروليم م??نوعات تي سبسڊي ته ڏني پر ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا، پهريون رمضان جو مهينو آيو آهي جنهن ۾ اٽي تي ڪا سبسڊي نه ڏني وئي، اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه وجهُون ان لاءِ اوگرا جي پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار و??ير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي مان ۾ منعقد افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. و??ير??عظ?? محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن آئل اينڊ اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن ۾ 21 رپيا ۽ ٻين پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن ۾ 50 رپيا اضافي جي سمري رد ڪندي چيو ته حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪندي رهندي. هن چيو ته گذريل حڪومت اوچتو پيٽروليم م??نوعات تي سبسڊي جو اعلان ڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا. هن چيو ته اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه ٿا وجهي سگهون. و??ير??عظم چيو ته پهريون رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ گذريل حڪومت اٽي تي به سبسڊي نه ڏني. و??ير??عظم چيو ته پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن بابت حقيقتون عوام آڏو رکنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندي رهندي ۽ ان جا مسئلا حل ڪندي. و??ير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته مخالف ڌر اتحاد پنهنجي ڏينهن رات جي جدوجهد سان عمران احمد خان نيازي کي شڪست ڏني، حڪومت ۾ شامل پارٽين جو اتحاد مشاورت سان اڳتي وڌندو. هن چيو ته گذريل حڪومت جو ٺاهيل ڍانچو واريءَ جي ڀت وانگر ڪري رهيو آهي. و??ير??عظم چونڊجڻ تي اتحادي پارٽين جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته هو اتحادي پارٽين جي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطي ۾ رهندو ۽ انهن جي تڪن جا مسئلا حل ڪندو. هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ٻن مرحلن ۾ ڪيو ويندو، ڪابينا جي شروعاتي نالن جو اعلان جلد ڪيو ويندو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪابينا جي وڌيڪ وزيرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. محمد شهباز شريف چيو ته و??ير??عظم هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ سمورن صوبن جي آفيسرن کي هتي خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو ملندو. هن ٻڌايو ته قومي اسيم??لي جي اسپيڪر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي و??ير??عظم جي استعيفائن جي سمري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. افطار ڊنر ۾ پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحاد جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل، خالد مگسي، خالد مقبول صديقي، محمود خان اچڪزئي، محسن داوڙ، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، شاهه زين بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.