اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) ڪابينا ڊويزن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي اضافي چارج ??يڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قانون ۽ انصاف واري وزارت جو اضافي عهدو سنڀالي ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قانون ۽ انصاف واري وزارت جو دورو ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سيڪريٽ??ي ۽ وزارت جي ٻين عملدارن اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير جو وزار?? اچڻ تي استقبال ڪ??و. قانون واري وزارت جي سيڪريٽري وفاقي وزير کي وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصار واري وزارت جي اضافي چارج ??ني هئي.