اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين پاران پي ٽي آءِ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ج?? نالن جي حتمي منطوري ڏني وئي. وزيراعظم ۽ چيئرمين عمران خان جي سربراهي ۾ ٺاهيل سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ مجموعي طور تي 60 ميمبر شامل آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، عامر محمود ڪياني، فواد چوڌري ۽ اعظم خ??ن سواتي، اعجاز چوڌري، اسد قيصر، ابراهيم خان، علي زيدي، شيرين مزاري، قاسم خ??ن سوري، شاهه فرمان، چوڌري سرور، ميان محمود ال??شي??، سرور خان ۽ حماد اظهر، عثمان بزدار، عاطف خان، عامر ڊوگر، علي اعواڻ، مراد سعيد، ظل هما، ڪنول شوزب، فرخ حبيب، مشتاق غني، سيف الله نيازي ۽ ٻيا پڻ ڪميٽي ج?? حصو آهن.