اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ??نڌ جي عوام جو آواز بڻجندي، شهباز شريف چوي ٿو مون هڪ رپئي جي ڪرپشن ناهي ڪئي، هڪ نه پر ار??ين رپين جي ڪرپشن پڪڙي وئي آهي، 17 هزار ٽرانزيڪشنز پڪڙيون ويون آهن، مقصود چپڙاسي ج?? اڪائونٽس مان 4 ار?? رپيا نڪتا آهن، مقصود چپڙاسي جهڙا 14 ملازم وڌيڪ آهن جن ج?? اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا آهن، هر شهري کي رمضان شگر ملز جو ملازم بڻائي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن اهي ار?? پتي ٿي وڃن، بلاول بينظير بدران آصف زرداري جو مشن اڳتي وڌائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب اسلام آباد ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ڪيو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف مختلف بهانن سان 9 ڀيرا التوا وٺ?? چڪو آهي، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي ڪيسن ۾ دير انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي، انهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، انصاف ۾ دير انصاف جو قتل آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 7 ار?? جو ٽي ٽي جو ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي، جڏهن ڪنهن طاقتور کي سزا ملندي ته انصاف جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻي هجي ته نيون درخواستون داخل ٿي وڃن ٿيون، وڪيل تبديل ڪن ٿا، اهي سسلين مافيا ۽ گ??ڊ فادر آهن، چوري ناهي ڪئي ته ثبوت عدالتن ۾ پيش ڪن، شهباز شريف بطور وڏي وزير حمزه ۽ سلمان شهباز کي کليل ڇوٽ ڏئي رکي هئي. مملڪتي وزير چيو ته اسان کان ساڍا 3 سالن جو حساب وٺ??دڙ ??نڌ جو 15 سالن جو حساب ڏين. ??نڌ ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم، چوها ار??ين رپين جي ڪڻڪ کائي ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ??نڌ جي عوام جو آواز بڻجندي، ??نڌ حقوق مارچ کي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي.