اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آ??دا ويندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻاه??ئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپي?? مسئلن جي حل سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قد?? کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آ??دا ويندا.