اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي??شن جي شفاف ورهاست لا پي??شنرن جي بايو ميٽرڪ تصديق جي نظام جو افتتاح ڪيو ويو آهي، جنهن سان 14 لک پي??شنرن مان هر مهيني 60 ارب روپيا جي رقم شفاف طريقي سان ورهائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. اي جي پي آر ۾ پي??شنرن جي لاءِ ڊجيٽل سهولت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر اطمينان ظاهر ڪيو ته انهن قدمن سان نه رڳو پي??شنرز جي نه رڳو ذاتي تصديق جي نظام ۾ ب??تر?? ايندي پر جعلي شناخت جي روڪٿام به يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته ان نظام سان نه رڳو پي??شنرن جي مشڪلاتن جو ازالو ٿيندو پر انهن جي شفاف ڊيٽا بيس جي راهه هموار ڪرڻ ۽ جعلي پي??شنرن جي خاتمي ۾ مدد ملندي، هن پي??شنرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ پي??شن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ جي تصديق کي اهم قدم قرار ڏنو، هن 7 کان 12 سيڪڙو جي ويجهو ماڻهن کي اکين ۽ چهري جي ذري??ي تصديق نظام جي تجويز ڏني، هي اهي ماڻهو آهن جنهن جي عمر، معذوري، وڌيڪ مزدوري، بيماري جي سببن تي فنگر پرنٽس ضايع ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي تصديق ناهي ٿيندي، هن ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻيندي موثر آڊٽ جي نظام تي زور ڏنو. عوام جي مفاد ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي استعمال تي زور ڏيندي هن چيو ته ملڪ جي ترقي جو ڀاڙڻ ٽيڪنالاجي جي نئين رجحان کي وقت سر اختيار ڪرڻ ئي آهي، صرف انهن ملڪن ترقي ڪئي جن ٽيڪنالاجي جي جديد رجحانن کي فوري اختيار ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي خدمتن جي فراهمي جي نظام کي حصو بڻايو. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي تي ٻ?? کان ٽي سيڪڙو مثبت اثر وجهندي آهي، قوم کي ان فائدي کان آگاهه ڪرڻ اهم آه??. ا??ڙي طرح هن چيو ته ڊجيٽل بئنڪنگ صارفين کي گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت سان گڏ شفاف ۽ مناسب مالي ٽرانزيڪشن جي مالي سهولت فراهم ڪندي آهي، جيتوڻيڪ هن مالياتي ادارن تي زور ڏنو ته عوام کي مسلسل آگاهي جي ذريعي مالياتي دوکي جي خلاف مضبوط تحفظ فراهم ڪري، هن چيو ته ايندڙ چونڊن۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ عوام جي مفاد ۾ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ طرف هڪ ٻيو اهم قدم آهي، اي وي ايم سان ووٽن جي شفاف ۽ فوري ڳڻپ يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان ۾ گهپلن جو به ڪو خدشو نه آهي، صدر پي??شنرن جي سهولت لاءِ بايو ميٽرڪ تصديقي خدمتن جو آغاز ڪرڻ تي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ۽ نادرا جي واکاڻ ڪئي، ان موق??ي تي هن اي جي پي آر جي ٻ?? پي??شنرن جي بايو ميٽرڪ تصديق جو عمل ڏٺو جن آن لائين ويريفڪيشن جي لاءِ بئنڪ جي بايو ميٽرڪ ڊائيوس تي پنهنجا فنگر پرنٽس رکيا.