اسلام آباد / پشاور – 05 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته ڊاڪٽر انساني همدردي جي جذبي تحت ماڻهن جي خدمت ڪن، بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، خيبرپختونخواهه جي ميڊيڪل شاگردن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آه??، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءَ الحق شرڪت ڪئي. هن چيو ته 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ انساني سرمايو ۽ وسيلا پاڪستان کان ٻاهر ويا، پاڪستان کي تعليم يافته ماڻهن جي ضرورت آه??، هنرمند ۽ تعليم يافته انساني وسيلا ملڪ جي اندر ئي استعمال ٿيڻ گهرجن، پاڪستان کي ٽيلي ايجوڪيشن جي سخت ضرورت آه??. صدر چيو ته ٽيلي ايجوڪيشن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٽيلي ايجوڪيشن جي اهميت وڌيڪ اڀري سام??ون آئي، تعليم ۽ علم جو وسيع ذخيرو آن لائين پليٽ فارمز تي موجود آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪي صحت جون ضرورتون وڌي رهيون آه??، اينٽي بائيوٽڪس جو غيرضروري استعمال وڌي رهيو آه??. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڊيڪل شعبي سان واڳيل ماڻهو اخلاقيات ۽ انساني قدرن کي سدائين نظر ۾ رکن، غذائيت جي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آه??، مصنوعي ذهانت سان ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آه??. صدر چيو ته پاڪستان کي نرسز ۽ پيراميڊيڪس جي سخت ضرورت آه??، ٽيلي ميڊيسن سان مشوري ۽ علاج جي سهولت وڌيڪ آبادي تائين پهچ??ئي سگهجي ٿو، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي، غريب ماڻهو ٽيلي ميڊيسن سان علاج ۽ ڊاڪٽر کان مشورو حاصل ڪري سگهي ٿو، حاصل ڪيل علم کي پاڪستاني معاشري جي ضرورتن موجب ڪرڻ جي ضرورت آه??، جديد دور ۾ ترقي جي لاءِ هر شعبي ۾ روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آه??. صدر چيو ته علاج مهانگو ٿيڻ سان ماڻهو اسپتال وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آه??. ان کان اڳ صدر خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جو افتتاح پڻ ڪيو.