مڪه المڪرمه – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري دوران پهرين ڏينهن ڇن??ر جي رات وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي کانسواءِ م??لم??ن امت جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان ??ڳ وزيراعظم عمران خان مدينه منوره پ??تو جتي مدينه منوره ۾ مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده فيصل بن الخالد السعود وزيراعظم جو استقبال ڪيو. مدينه منوره اچڻ جي فوري پوءِ وزيراعظم عمران خان مسجد نبوي ﷺ ۾ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري ۽ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم عمران خان جڏهن جده پ??تو ته مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده بدر بن سلطان السعود سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي رياض ۾ ٿيندڙ مڊل ايسٽ گرين ??ني??ي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو آهي. وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده محمد بن ??لم??ن بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۾ گرين ??ني??ي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ سيڙپڪاري فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ سعودي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو. توقع آهي ته وزيراعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحوليات وارو خاص معاون امين اسلم شامل آهن.