اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي ??رڪ??ئيوز جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ تحفظ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃي جڏهن ته ??رڪ??ئيوز جي موثر انتظام جي سلسلي ۾ رهنمائي ??ي فراهمي جي لاءِ ڪابينا ڊويزن ايڊوائيزري بورڊ جوڙي. هو نيشنل ??رڪ??ئيوز آف پاڪستان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل ??رڪ??ئيوز بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي لاءِ پي سي ون جي منظوري ڏني وئي آهي. حڪومتي ۽ تاريخي رڪارڊ جي 40 لک صفحن کي ڊيجيٽل ۽ 30000 ??ست?? دستاويزن کي محفوظ بڻايو ويندو. ان موقعي تي صدر هدايت ڪئي ته تاريخي رڪارڊ جي تحفظ جي عمل کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته دستاويز قوم جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي ضر??رت آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گزٽ، مغليه دور جي شاهي حڪمن ۽ آزادي کان اڳ ۽ بعد جا ٻيا اهم دستاويز محفوظ ڪيا وڃن.