اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران س??حد ”امن ۽ دوستي“ جي س??حد آهي، س??حد تي سيڪيورٽي ۾ اضافي، سرحدي مارڪيٽس قائم ??رڻ سان علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان سان ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايران جي ??ٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل لاڳاپن جي ??روغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جي ??وقعي تي دوشنبي ۾ ايراني صدر رئيسي سان پنهنجي ??لاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون جي ??روغ جو محرڪ ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ??اءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جو فروغ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران س??حد ”امن ۽ دوستي“ جي س??حد آهي. هن س??حد جي ??نهي طرفن سيڪيورٽي ۾ اضافي جي ??اءِ کنيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سرحدي مارڪيٽون قائم ??رڻ ۽ انهن مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي شروعات علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪ ايران س??حد تي ٻه وڌيڪ سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون آهن جنهن سان س??حد جي ??نهي طرفن اچ وڃ جي سهولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??سئلي تي ايران جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جي ان حوالي سان موقف کي ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد جي ??اءِ هڪ مضبوط سپورٽ سمجهن ٿا. وزيراعظم عمران خان ايران جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان ضرورت تي زور ڏنو ته افغانستان جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان پاڪستان ۽ ايران سڌوسنئون متاثر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان افغانستان کي هڪ پرامن ۽ مستحڪم ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو جنهن جي ??عيشت پائيدار هجي ۽ افغانستان رابطن جي ??روغ ۾ مددگار ثابت ٿئي. وزيراعظم عمران خان عاليم برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان مثبت اميدون رکندي انساني بنيادن تي فوري طور تي امداد فراهم ڪري ۽ افغانستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان محفوظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن افغانستان جي ??الي اثاثن کي غيرمنجمند ??رڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن جنهن سان سخت سرديءَ جي ??وسم جي اچڻ کان اڳ ان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ افغان عوام جي ??دد ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ قومي مصالحت ۽ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته گذريل مهيني افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن تي ٻڌل قائم ڪيل پليٽ فارم تي پاڪستان ۽ ايران جي ??يجهي حصيداري ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان ايراني صدر رئيسي جي ??اءِ مبارڪباد جو پيغام پڻ ڏنو ۽ ان جي ??اڪستان جي دوري جي دعوت کي پڻ ورجايو.