اسلام آب??د – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سازشن، ڌرڻن ۽ لانگ مارچ جي سياست جي باوجود حڪومت انهن جي جلسن جلوسن کي روڪڻ جي لاءِ ڪنهن قسم جون رڪاوٽون نه وڌيون، پي ڊي ايم سياسي بيروزگارن جو ميڙ آهي جن پنهنجي حڪومتن جي دور ۾ فيصل آب??د ۾ پاور لومز بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ وڏي انگ ۾ ورڪرز بيروزگار ٿي ويا هئا، جڏهن ته موجوده حڪومت پاور لومز کي ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن، حڪومت غريب ما??هن تي عالمي مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، عالمي سطح تي اوچتو پيٽرول جون ??يم??ون 35 ڊالر في بيرل مان 85 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويون جڏهن ته ان جي باوجود حڪومت ٽيڪسز ۽ پيٽروليم ليوي گهٽ ڪري عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو آهي، حڪومت نومبر کان فوڊ سپورٽ پروگرام متعارف ڪرائي آهي جنهن تحت 1 ڪروڙ 20 لک مستحق ما??هن کي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي سڌوسنئون ڪيش سبسڊي ڏني ويندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي ڪري عالمي سطح تي مهانگائي جو طوفان آيل آهي، عالمي سطح تي 50 سالن کانپوءِ کاڌي پيتي جي شين جي ??يم??ن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ به سڌوسنئون گيهه ۽ ٻين ضرورت جي شين جي ??يم??ن تي اثر پيو آهي، حڪومت پائيدار بنيادن تي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ انهي سلسلي ۾ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واريون پاليسيون لاڳو ڪيون پيون وڃن. فرخ حبيب چيو ته عالمي سطح تي ڪوئلي جي ??يم?? 50 ڊالر مان 250 ڊالر جڏهن ته گيهه جون ??يم??ون 500 ڊالر مان 1300 ڊالر تائين پهچي ويون آهن جڏهن ته ڪنٽينرز جي شپمنٽ چارجز ۾ 2000 ڊالر کان 10 هزار ڊالر تائين جو اضافو ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عوام کي هر ممڪن ريليف ڏيڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ اسان جي گيهه جون ??يم??ن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ گيهه ملز سان ڳالهيون جاري آهي ۽ حڪومت ٽيڪسز ۽ ليويز ۾ مناسب گهٽتائي ڪرڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ زرعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ آب??دگارن کي آب??دگار ڪارڊ مهيا ڪيا آهن، ان کانسواءِ ڊسمبر کان پنجاب کي يونيورسل هيلٿ ڪيئر ڏيڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان هر خاندان ساليانو 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪرائي سگهندو.