اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، وڪيل جمهوريت، انساني حق?? ۽ ??ئين جا محافظ آهن.
اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ نيب جي تازي آرڊيننس سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وڪيل بر??دري وفاقي وزير کي جهلم ۾ ڪنٽونمنٽ بورڊز جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي. وڪيلن چونڊ سڌار?? ۽ ??يندڙ اليڪشن اي وي ايم تي ڪرائڻ جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چو??ري فواد حسين وڪيلن کي نيب (ٻيو ترميمي) آرڊيننس 2021ع جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته صدر آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اهو آرڊيننس جاري ڪيو، آرڊيننس جي ذريعي صدر مملڪت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي مشاورت سان احتساب عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، پراسيڪيوٽر جنرل جي اختيارن کي وڌايو ويو آهي، ان آرڊيننس تحت ضمانت جا اختيار ماتحت عدالتن وٽ هوندو. هن چيو ته اڄ جيڪي نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪ??ي رهيا آهن انهن جون اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس ۾ شامل آهن.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت وڪيلن جي مسئلن کان چڱي طرح آگاهه آهي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم لاءِ نوان چيمبرز ٺاهيا ويندا، نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام مان قرض ڏنا ويندا. وڪيل بر??دري کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي تي به غور ڪ??ي رهيا آهيون، وفاقي وزير وڪيلن کي جهلم ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته جهلم درياءُ جي ويجهو جديد تفرحي پارڪ قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته الله کان پنڊداد خا?? ۽ ??هلم روڊ جي ٻن لائين وارو ڪرڻ جي منصوبي سان علائقي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، 126 ڪلوميٽر ڊگهي الله کان جهلم تائين ٻن لائين وا??ي روڊ جي تعمير تي 16 ارب روپين جي لاڳت ايندي، وڪيل بر??دري علائقي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي آغاز تي وفاقي وزير چو??ري فواد حسين، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب فيصل چو??ري ۽ سرفراز چو??ري جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي صدر راجا توقير احمد خان، جنرل سيڪريٽ??ي راجا نصر الله وسيلم، جوائنٽ سيڪريٽري چو??ري آصف بشير ايڊووڪيٽ، پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبر راجا ظفر اقبال، ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي اڳوڻي صدر چو??ري عبدالرشيد گوندل، پنجاب بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چو??ري محمد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ارشد محمود جنجوعه ايڊووڪيٽ شامل هئا.