اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان کانپوءِ آزاد چمون ۽ ڪ??مي?? ۾ به بري طرح شڪست ٿي آهي، عام چونڊن وانگر پيپلزپارٽي کي آزاد ڪ??مي?? جي ضمني چونڊن ۾ به ائين ئي شڪست ٿيندي، ماضي گواهه آهي ته بلاول جنهن جنهن جي اليڪشن مهم ۾ حصو ورتو اهو ا??يد??ار آخري نمبر تي آيو، ان سان وڏو ٻيو ڪهڙو ڪهڙو هوندو ته بلاول عوام ۾ بيهي چوي ٿو ته آزاد ڪ??مي?? پيپلزپارٽي جو آهي، وفاق، چئني صوبن ۽ آزاد ڪ??مي?? ۾ حڪومت جو خواب ڏسندڙ بلاول احمقن جي جنت ۾ رهي ٿو. بلاول زرداري جي خطاب تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جون نيون راويتون، نوان طريقا ايجاد ڪندڙ زردا??ي آهي، جعلي اڪائونٽس ۽ ايان علي جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪندڙ به اهي ئي آهن. هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ بدترين غربت، بيروزگاري ۽ لاقانونيت آهي، ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي، جيڪڏهن ٿوري برسات پئجي وڃي ته پورو ڪراچي ٻڏي وڃي ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪرپشن، روزگار وڪرو ڪندڙ ۽ ڪميشن وٺندڙ پارٽي آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، توهان کي شايد خبر نه آهي ته مشرف دور ۾ اين آر او ڪنهن ورتو ??و. ??ن چيو ته وزيراعظم عمران خان سستي گهرن، نوڪرين جي فراهمي، وسيلن جي برابر ورڇ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو تهپارليامين?? جي اندر مقابلي جون ڳالهيون ڪندڙ پارليامين?? جي اجلاس ۾ به ايندا ڪن.