اسلام آباد – 29 R11; سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳا??ن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر چيو ته آذربائيجان خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي، پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسد قيصر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيا??ن تي هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان پارلياماني ۽ معاشي رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته عوامي ۽ واپاري سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. آذربائيجان جي سفير چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آذربائيجان پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.