اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته ڀارت والار??ل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، برطانوي پرڏيهي وزير کي والار??ل ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلمن، انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان تفصيلي ثبوت پيش ڪيا. لنڊن ۾ برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چي?? ته برطانيا اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان انس ان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چي?? ته برطانوي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چي?? ته پاڪست??ن ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، برطانيا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چي?? ته پاڪست??ن ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جوڙڻ جي حوالي سان به برطانوي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چي?? ته والار??ل ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. هن چي?? ته مون برطانوي هم منصب کي والار??ل ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلمن جي حوالي سان تفصيلي ثبوت فراهم ڪيا. پرڏيهي وزير چي?? ته برطانيا ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جو وڏو انگ رهي ٿو ۽ اهي برطانيا جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.