لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ايندڙ بجيٽ اسان جي حڪوم?? جي ڪارڪردگي جي عڪاس هوندي، بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويندو، آمدني ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، اليڪشن سڌارن سم??ت ٻين اهم معاملن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومتي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ڪري، قومي ادارن جي اندر ماضي جي حڪومتن سياسي ڀرتيون ڪيون، فيٽف ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳا??ها??يندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پاليسين جي ڪري ملڪ جنهن گهيري ۾ ڦاٿل هو، الحمد الله اڄ ان کان ٻاهر اچي ويو آه??، بجيٽ جي بنيادي هدفن جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ اسان جي گذريل سالن جي ڪارڪردگي جو عڪاس هوندو، ان سان اسان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو، پگهاردار طبقي کي رليف، مهانگائي ۾ گهٽتائي جهڙن قدمن سم??ت آمدني ۾ اضافي تي بنيادي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب فنانس ٽيم بجيٽ تيار ڪري رهي آه??. هن چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا سان وڙهي رهي آه??، اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀار?? جي معيشت هن وقت منفي 7.3 کان هيٺ آه??، ٻين ملڪن ۾ به معاشي حالتون ڪافي تبديل ٿيون آه?? پر اسان وٽ صورتحال بلڪل مختلف آه??، اسان جي معاشي صورتحال مستحڪم ۽ بهتر آه??. هن چيو ته اسان مخالف ڌر سان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آه??ون، وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر وکريل آه??، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جون پاليسيون ڪليئر ٿي وينديون ته پوءِ معلوم ٿيندو ته مولانا فضل الرحمان ڇا چاهي ٿو؟ انهن ٽنهي جو قبلو هڪ ٻئي کان مختلف آه??، کين هڪٻئي جي سمجهه نه اچي رهي آه??. هن چيو ته مخالف ڌر جو ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو آه??، اسان ان ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا، اليڪشن سڌارن ۽ عدالتي سڌارن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.