ترجمو: روپ ميگهواڙ
مذهبي سياحت عالمي سطح تي معيشت جي ترقي جي لاءِ هڪ اهم حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، سڄي دنيا ۾ مختلف مذهبن جا پيروڪار لکين ماڻهو مذهبي فرضن جي ادائيگي ۽ روحاني سڪون لاءِ هر سال مقدس ماڳن جي سفر تي ويندا آهن. هر سال تقريبن 300 کان 330 ملين سياح دنيا جي مختلف مذهبي ماڳن تي ويندا آهن جيڪي اربين ڊالرز جي پرڏيهي ناڻو پيدا ڪ??ڻ جو ذريعو آهي. پاڪستان دنيا جي مختلف قديم تهذيبن جو گهوارو آهي ۽ هڪ اهڙي خطي ۾ واقع آهي جيڪو دنيا جي ٽن وڏن مذهبن هندو مت، ٻڌمت ۽ سک مت جي پيروڪارن جا هزارين سال پراڻا تاريخي ۽ مذهبي ماڳن جي هڪ وڏي تعداد سان مالا مال آهي. پر ان جي باوجود پاڪستان جو سياحت جو شعبو ڀارت، ترڪي، سريلنڪا ۽ خطي جي ٻين ملڪن کان تمام گهڻو پوئتي آهي جنهن جو اهم سبب سيڪيورٽي جا مسئلا، فنڊن جي کوٽ، ڌيان نه ڏيڻ سميت ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، خاص طور تي نائين اليون جي واقعن کانپوءِ پاڪستان جي سياحت جي انڊسٽري کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي، سياحن کي مائل ڪرڻ لاءِ سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي رهي آهي، موجوده حڪومت جي ٺوس عملي قدمن سان پاڪستان مستحڪم رفتار سان سياحت جي محاذ تي ترڪي ڪري رهيو آهي جنهن جو هڪ مثال ڪرتار پور راهداري منصوبو آهي جنهن جي تڪميل نه رڳو سک برادري جي دل کٽڻ لاءِ پر پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي ترقي جون نيون راهون کولي ڇڏيون آهن، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان ٻڌمت جي ورثي جي باري ۾ ڳالهه ڪريون ته سڄي پاڪستان ۾ ٻڌ مت مذهب کي مڃيندڙن جا هزارين سال پراڻا مذهبي سياحتي ماڳ موجود آهن، جنهن جي بحالي لاءِ حڪومت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.
وزيراعظم ع??ران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان فورن بعد ئي ملڪ جي معيشت کي سگهه ڏيڻ ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ لاءِ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سريلنڪا جي تازي سرڪاري دو??ي ۾ وزيراعظم ع??ران خان سريلنڪن ٻڌ ڀڪشوئن کي دعوت ڏني ته هو اچن ۽ پاڪستان ۾ پنهنجا مقدس ٻڌ مت آثار ۽ مذهبي ماڳ ڏسن، وزيراعظم ع??ران خان جي خصوصي دعوت تي سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي مدد سان 19 اپريل 2021ع کان ٻڌ مت مذهب سان تعلق رکندڙ مذهبي پيشوا پاڪستان جي دو??ي تي آيل آهن. اهي ٻڌ ڀڪشو پنهنجي سڄي هفتي جي دو??ي دو??ان ٻڌ مقامن ۽ عجائب گهرن جو دو??و ڪندا. انهن جي پاڪستان جو دو??و ڪرڻ سان ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ مذهبي سياحت کي وڌيڪ فروغ ملڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي ڇو ته پاڪستان قديم ٻڌ تهذيب جو مرڪز ۽ گهوارو آهي جيڪو هيستائين دنيا جي اک کان اوجهل هو، سريلنڪن وفد جي تازي دو??ي سان ان جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو،
ٻڌ مت وفد جي قيادت ڊاڪٽر والپول پيانند ٿيرو ڪري رهيو آهي، اهو وفد پنهنجي ٻن ڏينهن جي لاهور جي دو??ي کانسواءِ اسلام آباد، ٽيڪسلا، شهباز ڳڙهي، تخت ڀائي ۽ جهان آباد (سوات) ويندو. ٻڌ مذهبي پيشوائن جو اهو وفد مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ پنهنجي دو??ي دو??ان صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم ع??ران خان به ملاقات ڪري رهيو آهي.
سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سيڪنڊ سيڪريٽري عائشه ابوبڪر فهد ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پاڪستان گنڌارا جي شاندار تهذيب ۽ ٻڌمت جو گهر آهي. هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان جي ويزن موجب مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻڌ مت جي مذهبي پيشوائن کي پاڪستان جو دو??و ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ موجود تاريخي ورثي کي ڏسڻ جي دعوت ڏني آهي ته جئين اهي ڪيترائي مقدس ٻڌ مت مذهبي ماڳن کي ڏسن ۽ پنهنجي مذهبي رهنما مهاتما ٻڌ جي مقدس ورثي جي ياترا ڪ??ي خراج عقيدت پيش ڪن.
ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چيو ته اسان کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستاني ماڻهو ٻڌ مت جا پيروڪار ته نه آهن پر ان جي باوجود انهن مهاتما ٻڌ جي مجسمن، ٻڌمت آرٽ ۽ ٻڌمت جي تاريخي ورثي ۽ فن تعمير کي محفوظ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهاتما ٻڌ جي مجسمن جي ذريعي دنيا ۾ ٻڌمت پکڙيو ڇو ته ٻڌمذهب امن، همدردي ۽ رواداري جو پيغام ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستاني وزيراعظم ع??ران خان سريلنڪا ۾ هڪ عظيم ڪرڪيٽر ۽ اعتدال پسند سياستدان جي حيثيت سان ڄاتو وڃي ٿو، سريلنڪن ان جو وڏو احترام ڪن ٿا، ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چيو ته وزيراعظم ع??ران خان تازو ئي سريلنڪا جو دو??و ڪيو ۽ ٻڌ ڀڪشوئن کي پاڪستان جو دو??و ڪرڻ ۽ مقدس ٻڌ ماڳ ڏسڻ جي دعوت ڏني هئي، ان دعوت کي قبول ڪندي سريلنڪن ٻڌمت وفد پاڪستان جو دو??و ڪري رهيو آهي.
وفد جي ميمبر اودي دملوڪاٿيرو چيو ته ٻڌمت ۽ گنڌارا تهذيب جي تاريخ هزارين سالن تي ٻڌل آهي، اسان جو اهو دو??و ٻڌ مذهب ۽ سرزمين پاڪستان جي وچ ۾ صديون پراڻي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه بخشيندو. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جي حوالي سان اسان کي ڪجهه غلط فهميون ۽ خدشا لاحق هئا پر پاڪستان پهچڻ کانپوءِ اسان جا سمورا خدشا ختم ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ٻڌ ياترين جي اچڻ سان لکين ماليت جو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگهي جيڪو سريلنڪا ۽ مالديپ جي باري ۾ سريلنڪا جي صدر جي سينئر سياسي صلاحڪار آهي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان پاران ٻڌمت مذهب جي مقدس ماڳن کي جيڪي ماضي ۾ بند ڪيا ويا آهن هئا، کي ٻيهر سياحن جي لاءِ کولڻ هڪ بهترين قدم آهي، هن چيو ته سريلنڪن وفد جو تازو دو??و پوري دنيا ۾ موجوده ٻڌ مت مذهب جي ماڻهن کي پاڪستان طرف متوجهه ڪندو جنهن سان سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو، ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگهي چيو ته پابندين جي خاتمي سان جاپان، چين، ٿائي لينڊ ۽ ٻين ملڪن مان ٻڌ مت مذهب جا ماڻهو به انهن مقدس ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ايندا. هن چيو ته اهو پاڪستاني قوم جي تمام وڏي خوش قسمتي آهي ته کين عمران خان جهڙو دو?? انديش وزيراعظم ۽ اڳواڻ مليو آهي.
لاهور ميوزيم جي ڊائريڪٽر اعجاز احمد منهاس دو??ي جي موقعي تي چيو ته وفد ۾ شامل ٻڌ ڀڪشو پنهنجي شاندار ماضي جي آثار ۽ مذهبي ماڳن کي ڏسڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي گهڻا خوش ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اعجاز احمد منهاس چيو ته وفد ۾ شامل هڪ ٻڌ پيشوا وزيراعظم ع??ران خان جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته جن مقدس آثار ۽ ماڳن بابت اسان صرف تاريخي ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين اڄ انهن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جنهن تي اسان پاڪستاني حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم ع??ران خان جا بي حد ٿورائتا آهيون، هن چيو ته ان دو??ي جو مقصد مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ آهي، وفد ۾ شامل ٻڌ مت مذهبي اڳواڻ سڄي دنيا سان تعلق رکن ٿا ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ پاڪستان جي باري ۾ محبت ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پکيڙيندا.
هن چيو ته اميد آهي ته ان دو??ي سان ايندڙ ڏينهن ۾ ٻڌ مت سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ان ٻڌ مت ورثي کي ڏسڻ لاءِ پاڪستان ايندو جنهن سان نه رڳو وڏو ناڻو حاصل ٿيندو پر دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص به اجاگر ٿيندو.
اي پي پي سنڌي سروس جي ٿورن سان