اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيحون ??ندڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي 10 سالن جي اقتدار جي دور ۾ ال??ڪشن ۾ شفافيت لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وصيت جي صحيحن کي اهميت ڏيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به بينظير ڀٽو جي صحيح هئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ان ڳالهه تي قائل ٿي چڪي آهي ته ال??ڪشن جو نظام شفاف هجڻ گهرجي، اسان جو قانوني بحث به اهو ئي آهي ته ڪنهن پارٽي يا الائنس پاران نامزد اميدوارن کي ئي سي??يٽ جو ميمبر چو??ڊجڻ گهرجي. سينيٽ ال??ڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت معاملي جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. سي??يٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به ساڻس گڏ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو ملڪ ۾ بنيادي س??ارن جي ذريعي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ان کي عوام جي خواهشن جو ترجمان بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن پارليامينٽ ۾ شفافيت سان ايم پي ايز جي ووٽن سان چو??ڊجي سينيٽر ايندا ته هو ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ ڪم ڪندا. اسان جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته سينيٽ ال??ڪشن ۾ پارٽي جي چو??ڊيل اميدوارن کي ئي ووٽ ملن.