اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي ??ه وجهي، توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 م??ين ڪيو??ڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 م??ين ڪيو??ڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 م??ين ڪيو??ڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 م??ين ڪيو??ڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي ??نهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينشنرز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي وزير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.