اسلام آباد – 27 ن??مبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ احساس ڪفالت ادائيگي سينٽر جو دو??و ڪيو جنهن ۾ اڄ کان 70 لک مستحقين کي ادائيگي شروع ڪئي ويندي. خاص معاون ڊاڪٽر ث??ني?? نشتر وزيراعظم کي ادائيگين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سائبر حملن جي خلاف تحفظ ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري عورتن جي بئنڪن تائين پهچ ۽ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي پڻ يقيني بڻائي وئي آهي. احساس ادائيگي نظام کي وصول ڪندڙن جي لاءِ مفيد ۽ آسان بڻائڻ جي لاءِ بايو ميٽرڪ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي جو آپشن پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي.