اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريش?? سينٽر (اي?? سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اي?? سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هز??ر 547 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 18 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هز??ر 899 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هز??ر 690، پنجاب ۾ 13 هز??ر 754، خيبرپختونخوا ۾ 3 هز??ر 25، اسلام آباد ۾ 6 هز??ر 132، بلوچستان ۾ 841 ، گلگت بلتستان ۾ 240، آزاد ڪشمير ۾ 947 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 26 هز??ر 674 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت ??ين??يلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هز??ر 806 ??ين??يليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 234 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 65 هز??ر 927 آهي.